Mulfazat Sharif

.               ملفوظات شريف نقل: ھيڪر پاڻ نوجوانن کي نصيحت ڪندي فرمايائون تہ حديث شريف منجھ آيو آھي ۽ حضور ﷺ جن جو فرمان آھي تہ جنھن قوم جا نوجوان ديندار ٿي پون ۽ زالون اشرافيون ٿي گھرن جي اندر ۾ رب ڪريم جي ذڪر ۽ حضور پاڪ ﷺ جي مٿان صلوات شريف پڙھڻ ساڻ گھرن کي روشن رکن تہ پوءِ منھنجي امت توھان خوشيون ڪجو... توھان الله سائين جلشانه جون رحمتون وسنديون... دشمن توھان کي ويجھا نہ ايندا... پر جيڪڏھن توھان جا نوجوان فاسق ۽ فاجر ٿي پون (معاذالله تعاليٰ) ۽ زالون بي فرمان ٿي پون ۽ توھان جا جيڪي چڱا مڙس ۽ زالون فيصلن ڪرڻ وارا آھن... اھي رشوتي ۽ ظالم ٿي وڃن... فاسق ۽ فاجر ٿي وڃن... تہ پوءِ توھان جي لاءِ مصيبت جا دروازا کلندا ۽ دشمن جا حملا ٿيندا.       بحوالا ڪتاب # ملفوظات قاسميه    ❀ صَلَّی اللّٰهُ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَّآلِهٖ وَسَلَّمَ ❀

Post a Comment

Previous Post Next Post