حضرت قبله سائين سيد حاڪم علي شاه رحمت الله عليه

حضرت علامہ و مولانا سائين سيد حاڪم علي شاھ جيلاني قاسمي جڏھن ننڌڙا ھئا تہ سندن والد محترم سائين سيد پير شاھ جيلاني ڳوٺ سلطان خان جماراڻي لڳ رشيد وڳڻ لاڙڪاڻو کين درگاھ عاليہ حضرت مشوري شريف تي حضرت مرشدن ڪريمن مشوري شريف وارن بادشاھن جي حضور ديني تعليم پرائڻ لاء کين وٺي آيا ناظرہ کان وٺي عربي ۽ فارسي جي تعليم کين مرشدن ڪريمن وٽ حاصل ڪرڻ نصيب ٿئي علم سان گڏو گڏ مرشدن ڪريمن جي صحبت جو اھڙو اثر ٿيو جو ولايت جا صاحب روحانيت ۾ محبت و نسبت جا صاحب ٿيا ۽ مستجاب دعا ھئا اللہ پاڪ سندن گھريل ڪا بہ دعا رد ڪرڻ نہ فرمائي جيڪا بہ دعا گھريائون اھا اللہ پاڪ پوري ڪرڻ فرمائيندا ھئا دستار فضيلت کان بعد سائين جن درگاھ حضرت مشوري شريف ۾ پيش امام جا فرائض سر انجام ڏنا ڪجھ عرصو شاگرن کي عربي ۽ فارسي جا سبق پڻ ڏيندا رھيا درگاھ شريف تي جاٿي مرشدن ڪريمن جو مزار اقدس آھي ان جاء تي ھڪ ٿلھو ھوندو ھيو جاتي مالڪ ڪريم عربي ۽ فارسي جي شاگردن کي تعليم ڏيڻ فرمائيندا ھيا ان سان متصل ھڪ مدرسو ھوندو ھيو،مدرسي سان گڏ ڪجھ ھجرا (ڪمرا) ھوندا ھيا اتڙي سائين جن کي ھڪڙو ھجرو مليل ھوندو ھيو. بقول سائين سيد حاڪم علي شاھ بادشاھ جي تہ شروعات ۾ جڏھن مرشدن ڪريم کين درگاھ شريف تي نماز پڙھائڻ جي ڊيوٽي عطا فرمائي تہ مان نماز پڙھائڻ کان ڪيٻائڻ لڳيس ڇو تہ مرشدن ڪريمن جي ھوندي پيش امامي جا فرائض سر انجام ڏيئڻ کين مناسب نہ لڳو ان تي حضرت مرشدن ڪريمن مشوري شريف وارن بادشاھن محبت ۽ شفقت سان فرمايو تہ سائين سيد حاڪم علي شاھ صاحب ھي درگاھ شريف تي نماز پڙھائڻ جي ڊيوٽي توھان تي اسان نہ بلڪہ حضرت حبيبن ڪريمن مديني واري سائين ﷺ جن رکي آھي ان ڊيوٽي ڏيڻ کان نہ ڪيٻايو ان بعد سائين حاڪم علي شاھ جن پنھجي وفات تائين تقريبن 55 سال اھا ڊيوٽي ادا ڪندا رھيا سندن مزار مبارڪ درگاھ حضرت مشوري شريف ۾ موجود آھي بقلم رشيدالدين مشوري درگاھ مشوري شريف

Post a Comment

Previous Post Next Post