حضرت قبلا مفتي علي بخش قاسمي رحمة الله عليه دادو

 شيخ طريقت عارف باللہ حضرت قبلا مفتي علي بخش قاسمي رحمة الله عليه دادو

 

Saen Qibla Mufti Ali Bux Qasmi RA




حضرت مولانا مفتي سائين علي بخش قاسمي رح  بن حاجي اميد علي بلوچ سندس قنيت ابو المختار (1) تخلص بخشڻ ، نسبت قاسمي ، ۽ مشرب قادري و نقشبندي آبائي ڳوٺ پير ترهو لڳ شهيد مخدوم بلال رح تلقه و ضلع دادو ۔

سندن ولادت سن 1944ع ۾ ٿي۔ 



تعليم و تريبت : 

پاڻ ابتدائي تعليم پهنجي ڳوٺ پير ترهو  مان ورتائون ۔ پاڻ ننڊيلا کان سلڇڻا صوم و صلواه جا پابند هئا ۔ پاڻ 19 سالن جي عمر ۾ عالم اسلام جي عظيم ديني درس گاه جامعه عربيه قاسم العلوم درگاه عاليه حضرت مشوري شريف ۾ داخل ٿيا ۔پاڻ مالڪن ڪريمن فيه عصر ، امام العارفين ، تاج المحدثين سائين بادشاه ڪريم قدس سره الاقدس جا شاگر هئا (2) تمام علوم و فنون درس نظامي ، مروجه نصاب سيالڪوٽي تاج العارفين ، فقيه اعظم ، امام اهلسنت ، بحر العلوم  ،قبلا سائين مشوري شريف واري سائين بادشاه قدس سره القدس وٽ پڙهي تڪميل ڪيائون ۔ 



14 شوال معظم 1389 هجري 25 ڊسمبر 1969 ۾ درگاه عاليه مشوري شريف تان دستار فضيلت سان مشرف ٿيا 

فراغت کان پوء پنهجي ڪامل اڪمل استاد و مرشد مربي جي حضور ۾ رهي ڪري تدريس ۾ ملڪه ۽ فتاوي نويسي ۾ ڪمال حاصل ڪيائيون (3)



بيعت و خلافت :



 پاڻ سلسلا عاليه قادريه نقشبنديه راشديه ۾ مشوري شريف واري سائين جي هٿ تي بيعت ٿي سلوڪ جون  سڀ منزلون طئي ڪيائون ، مرشد ڪريم کين ارشاد و تلقين جي ۽ ٻنهي سلسلن کي هلائڻ جي اجازت ڏني( 4) 

پاڻ روحاني منزلن سلوڪ و عرفان ۾ ڪامل اڪمل مڪمل هئا۔  جيئن پاڻ پنهجي قلمي بياض قاسمي ۾ هڪ جگھ تي لکن ٿا ته

" هي باطن جو باغ حضرت قبلا ميان سائين بادشاه جي صحبت جي ڪري شاد و آباد آهي "



 مرشد ڪريم جڏهن ڪو ذڪر يا فڪر سمجهائندا هئا ته کين امر فرمائيندا هئا ته 

"ميان علي محمد قدس سره الاقدس جي صحبت ۾ ره " (5)



سلسلا عاليه قادريه و نقشبنديه جا سڀئي ذڪر و افڪار ، اوراد و وظائف ۽ پاڻ پنهجي خصوص ختم قاسميه ، ختم خواجگان ، حزب البحر ، دلائل الخيرات ، ۽ مالڪن ڪريمن جي سڀني وظائف جا عامل هئا۔ 



 درگاه شريف تي جماعت جي خدمت ۽ لنگر پاڪ ورهائڻ جي ڊيوٽي تي سائين مرشد ڪريم ميان سائين بادشاه سان گڏ مامور هئا (6)



جهڙي طرح ڪتاب قاسم الحقائق ۾ بيان ٿيل آهي سائين بادشاه ڪريم جي والد گرامي سائين قبلا محمد عثمان قدس سره الاقدس پاڻ مولانا علي بخش قاسمي رح  جو هٿ وٺي تاج العارفين ، مالڪن ڪريمن مشوري شريف واري سائين جي دست اقدس ۾ ڏنو ۽ فرمايو ته 

" علي بخش منهنجو روحاني پٽ آهي انجو  دنيا و آخرت ۾ خيال رکجان "

 اها گاله پاڻ (مولانا مفتي علي بخش قاسمي رح) بہ شڪرانه طور ٻڌائيندا هئا۔  



جماعت قاسميه ۾ شايد ڪو فقير هجي جيڪو سندس نالي کان اڻڄاڻ هجي ۔ ڪيترا ئي فقراء سندن صحبت و محبت ۾ اچي روحانيت جون منزلون مرشد ڪريم سائين بادشاه ڪريم مشوري سائين وٽ

طئي ڪيائون جن ۾

سيد فيروز شاه صاحب ڪراچي وارا 

شيخ طريقت حاجي امير بخش جمالي رح (ٺٺي وارا )

 سيد محمد يعقوب شاه جيلاني رحيم يار خان پنجاب

 سيد علي اڪبر شاه جيلاني رحيم يار خان پنجاب  

سيد عبد الرحمان شاه پنجاب  

سيد علي اصغر شاه جيلاني پنجاب سيد سائين زين العابدين

 شاه راشدي ، "

فقير محمد حنيف مهاجر (ابدال زمانه ) ٻورڙي ڪڪڙ 

خليفه محمد هارون رح  (ابدال زمانه , شيخ الحديث  والتفسير ، پيرسائين  غلام رسول قاسمي چنيوٽ واري پروگرام ۾ سندن ذڪر ڪيو آهي ت مولانا مفتي علي بخش قاسمي رح جو هڪ روحاني(صحبتي) شاگرد  ابدال هيو  , لنڪ هيٺ ڏنل حوالن ۾ موجود آهي ) ،

 فنا في الشيخ حاجي خان زرداري رح دادو (ظاهري و باطني شاگرد )  ، 

شيخ الحديث والتفسير پير سائين مفتي  غلام رسول قاسمي سرگودها 

سندن پٽ صاحبزاده مختار احمد قاسمي 

فقير مولوي فيض الله مهر رح پنجاب 

فقير حاجي محمد حسن مشوري نوشهرو فيروز 

فقير عبد الروف راولپنڊي 

جاويد اقبال اسلام آباد  

محمد نعيم طاهر (محقق و ڪالم نگار ) سنجر پور پنجاب

فقير محمد حسن ماڇي ڳوٺ صادق آباد  پنجاب 

محمد نواز صادق آباد ماڇي ڳوٺ پنجاب 

فقير مختار رحيم يار خان

خليفه عبدالطيف پٺاڻ ايبٽ آباد  ۽ ٻيا۔  


 
Saen Mufti Ali Bux Qasmi RA
          

پاڻ مالڪن ڪريمن سهڻي سائين بادشاه ڪريم قدس سره الاقدس جي صاحبزادگان سائين صاحبزاده اڪبر ، مرشد ڪريم ميان سائين بادشاه قدس سره الاقدس ۽ صاحبزاده اصغر ، سهڻا سائين مرشد ڪريم سخي سائين بادشاه قدسره الاقدس ، حافظ  علي مراد زرداري مست رح ، فقير حنيف مست جنگ شاهي ٺٺه ، حافظ شفن مست رح ، حافظ فقير سائين خليفه  عبدالحڪيم ملگاڻي ، سيد وزير حسين شاه صاحب ، خليفه غلام محمد ماهوٽا رح ، فقير سائين حاجي محمد حسن کهڙو رح ، شيخ پير سيد سرور شاه صاحب ، استاد سائين غلام محمد ٻوگهيو رح وغيره سان پاڻ صحبتون ڪيائون ۔



تدريسي ڪم : 

درس و تدريس ۾ عمل ۾ پنهنجي شيخ ڪامل جي زير نگراني پنهنجي مرڪز مادر علمي يعني درگاه عاليه حضرت مشوري شريف کان شروعات ڪيائيون تقريبن 3 کان چار سال درس ڏنائون ۔انکانپوء پنهجي ڳوٺ پير ترهو ۾ دارالعلوم  پيرترهو ۾ درس و تدريس جاري رکيائون ، ڪجه وقت کانپوء نوابشاه جي ٻانڌي شهر جي مشهور مدرسه سردارالعلوم ۾ مدرس مقرر ٿيا ۔ تقريبن 2 سالن جي عرصي کانپوء پنهجي مرشد مربي تاج العارفين العارفين، امام العارفين ، محبوب مرشد ڪريم سائين بادشاه قدس سره الاقدس جي حڪم مطابق دادو جي سڀ کان وڏي مسجد نوراني جا خطيب و امام مقرر ٿيا ۔ 



سندن جي اچڻ سان بهارون اچي ويون ،تعميراتي ڪمن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي۔ مدرسه جي عمارت تي قبضو خالي ڪرايو ويو ، هڪ عظيم و عاليشان دارالعلوم و دارالافتاء قائم ڪيو ويو ۔  پاڻ هڪ عظيم شخصيت هئا ، الله پاڪ کين ظاهري علم سان گڏ باطني تصرف سان نوازيو هيو ۔ هر پهلو سندن نرالو هيو ۔تفصيلي خدمات سندن سوانحيات ۾ ڏنا ويندا انشاء الله ۔



 سندن شاگردن جو حلڪو تمام وسيع آهي پر چند مشهور شاگرد هي آهن ؛



1) مولوي عبد الواحد مورو 

2) مولوي عبدالحق بگٽي ڊيرا بگٽي بلوچستان

3) مولوي عبدالمجيد گبول ڪراچي 

4) مولوي محمد اسحاق ڪراچي 

5) مولوي محرم علي سڪندري حيدر آباد

6) مولوي ولي محمد قاسمي 

7) مولوي نور احمد چانڊيو 

8) مولوي محمد صادق 

9) مولوي امام الدين سولنگي 

10) مولوي نذير اويسي پنجاب 

11) مرحوم مولوي احمد چانڊيو 

12) مولوي حافظ فقير حاجي خان زرداري رح 

13) مولوي الله رکيو ملاح ڏتي جي مياڻي

14) مولوي عبد القيوم حسيني هنگورو 

15) مفتي علي نواز قاسمي 

16) مفتي مختار احمد قاسمي 

17) مولوي محمد بخش ملڪ دادو

18) مولوي محمد سهراب جمالي 

19) مولوي حزب الله سولنگي 

20) مولوي نثار اشرفي چانڊيو دادو

21) مولوي ڏاتر ڏنو چنو 



وصال : (شيخ طريقت حضرت علامه مولانا مفتي اعظم سائين علي بخش قاسمي رح )



هي علم و عرفان جو سج ، مرجع العلماء والمشائخ 52 سالن جي عمر ۾ هزارين سنين کي داغ مفارقت ڏئي پنهجي مالڪ حقيقي جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۔ سندن وصال پاڪ جي تاريخ 20 مارچ 1996 آهي ۔ سندن آخري ديدار ۽ نماز جنازه رباني جامع مسجد سابقه نيو بس اسٽينڊ دادو ۾ ادا ڪئي وئي ۔ جنهن ۾ علماء ، مشائخ ، قراء ، ۽ هزارن جي تعداد ۾ عاشقان رسول صلي الله عليه واله وسلم شريڪ ٿيا ۔ نماز جنازه مرشد ڪريم جي صاحبزاده اڪبر ، هادي دوران ، غوٽ زمان ، مرشد مربي ، حضرت قبلا ميان سائين بادشاه قدس سره الاقدس  پڙهائي ۔پاڻ گريه فرمايو ۔ چهل قدمي ب پاڻ ڪرايائون ۔ حضرت قبلا ميان سائين سندن جدائي تي ڏک جو اظهار فرمايو ۽ فرمائون ت " موت العالم موت العالم " 

يعني عالم جو وصال ڪائنات جي موت آهي



گريه فرمائيندي ۽ مولانا مفتي علي بخش قاسمي رح جي جسد پاڪ کي خوشبو هڻندي تاريخي الفاظ فرمايائون ته 

" وڃ سائين بادشاه جماعت سان تنهجي استقبال لا بيٺا آهن ، مالڪن جي حضور ۾ اسان جا سلام چئجو " 



سندن اکين مبارڪن مان ڳوڙها مبارڪ هلن پيا۔ مولانا مفتي علي بخش جي مزار پنهجي آبائي ڳوٺ پير ترهو شريف ۾ پنهجي والده ماجده جي پاسي ۾ آهي ۔(سندن والده تمام گهڻي نيڪ صالهى، عابده و زاهده هئي ، سندن ذڪر سوانحيات ۾ ايندو ۔)



 سائين جن جي مڪمل سوانحيات سندس صاحبزاده مولانا مفتي مختار احمد قاسمي گڏ ڪري رهيو آهي ۔













حوالا : 

1) انوار علماء اهلسنت از صاحبزاده زين العابدين راشدي

2) تاج العارفين از صاحبزاده عالي وقار، سهڻا سائين ميان منير احمد المعروف قرب ڌڻي بادشاه 

3) قاسم الحقائق از فقير مولوي فيض الله مهر 

4) انوار علماء اهلسنت از صاحبزاده زين العابدين شاه راشدي 

5) بياض قاسمي قلمي  (مولانا مفتي علي بخش قاسمي جي  هٿ اکر تصنيف )

6) قاسم الحقائق

7) https://youtu.be/tk9Bv1wZHGA?si=gVrGswtMTo-U2caC

8) سنڌ جون مشهور درسگاهون 

9) انوار علماء اهلسنت سنڌ 








Post a Comment

Previous Post Next Post