فنا في الشيخ فقير حاجي خان زرداري رح

 فنا في الشيخ فقير حاجي خان زرداري رح



حاجي خان زرداري

فقير حاجي خان زرداري رح ويٺل دادو شهر نسبت قاسمي مشرب قادري ۔ 




تعارف:
بزرگي جي جي عمر ۾ چمڪندڙ نوراني چهري واري شخصيت فقير حاجي خان زرداري رح جيڪو پنهجي شيخ ڪامل شيخ الاسلام والمسلمين م تاج العارفين ، قيوم زمان سائين بادشاه مشوري شريف واري سهڻي سائين جي رنگ ۾ رنگيل هيا ۔ سندن صورت ۽ سيرت مان سائين بادشاه ڪريم جي جهلڪ جو عڪس محسوس ٿيندو هيو ۔پاڻ دستار بند عالم دين ۽ حافظ هيا ۔ سندن استاد (ظاهري و باطني ) شيخ طريقت مولانا مفتي اعظم سنڌ سائين علي بخش قاسمي رح هيا ۔ پاڻ سلسلا عاليه قادريه راشديه ۾ سائين بادشاه ڪريم مشوري شريف واري سائين وٽ دست بيعت ٿي ڪري سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائون۔ کين گهڻي صحبت و محبت پنهنجي ڪامل استاد (شيخ طريقت سائين مفتي علي بخش قاسمي رح دادو) جي نصيب ٿي ۔ ان جي محبت و اثر ۾ اچي پاڻ طريقت ۾ قدم رکيائون ۔ فقير حاجي خان زرداري رح جي زندگي جو مختصر احوال هيٺ پيش ڪيو ويندو  ۔ 


ننڊپڻ و جواني : 
سندس بچپن پنجي ڳوٺ ۾ گذريو ۔ ابتدائي پرائمري تعليم پنهجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۔ جڏهن سندن وڏڙا دادو لڏي آيا۔ پاڻ دادو ريلوي اسٽيشن جي پويان لڳ مزدورآباد اچي پنهجو گهر وسايائون ۔ پيشي جي لحاظ کان پاڻ مختلف قسمن جا واپار(بھ وغيره کپائڻ ) ڪيائون ۔ پاڻ اعلي درجي جا ٽيلر ماسٽر هيا  ۔ 


بيعت : 
فقير حاجي خان زرداري رح هر عام و خاص کان سائين بادشاه ڪريمن جو تذڪرو ٻڌندا هيا ۔ غابانه محبت سندن دل ۾ پيدا ٿي چڪي هئي ۔ دادو شهر ۾ مشهور درزي علي بخش لاشاري رح (جيڪو مالڪن ڪريمن جو سچو عاشق هيو ) جي دوستي و سنگت ۾ اچي درگاه مشوري شريف حاضر ٿيو ۔ مالڪن ڪريمن جي ديدار پر انوار کان مشرف ٿيو ۔ آخرڪار سندن حضور ۾ ذڪر جو عرض ڪيائين  ۔ پاڻ (مالڪن ڪريمن)  فرمايائون  ته " دنيا تان هٿ کڻ ۽ غربت لا تيار ٿي تو ذڪر ٻڌايائون " فقير حاجي خان جنهن دل ۾ محبت جي دکي اڳ ۾ دکيل هئي سو هر شئي لا تيار هيو سو فقير خوشي مان اها گاله قبول ڪئي ۔ مالڪن ڪريمن کان ذڪر پاڪ وٺي واپس آيا ۔ قدرتي طور کين ڪاروبار ۾ نقصان پيو ۔ سائين بادشاه ڪريم مشوري شريف واري سهڻي سائين قدس سره الاقدس  کين حڪم فرمايو ته "مسجد کي آباد ڪر" ۔ پاڻ پنهنجي پاڙي ۾ مسجد تعمير ڪرايائون جنهن جو نالو نظر محمدي رکيائون ۔ مسجد شريف ۾ بانگ صلواه ، نماز پڙهائڻ ۽ ٻارن کي قرآن پاڪ ڏيڻ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون ۔ 


درس نظامي پڙهڻ : 
جڏهن کان شيخ طريقت مفتي اعظم سائين علي بخش قاسمي رح جڏهن نوراني مسجد سيد جڙيل شاه دادو (دارالعلوم انوار الاسلام قاسميه) ۾ خطيب و مدرس ٿي آيا ۔سائين جن  (سائين مفتي علي بخش قاسمي رح ) سان سندن محبتون ۽ صحبتون پهريان کان درگاه مشوري شريف تي قائم ٿي چڪيون هيون۔ انجي آمد تي سندن وري محبتون ۽ صحبتون پنهنجي عروج تي پهتيون۔ ان وقت شيخ طريقت سائين علي بخش قاسمي رح وٽ ڪيترا طالب درس نظامي پڙهندا هيا ۔ جن ۾ ڪجه شاگرد عمر رسيده به هيا ( محمد صادق 60 سالن جي عمر ۾ درس نظامي پڙهڻ شروع ڪيو )۔ فقير حاجي خان زرداري رح کي  درس نظامي جي پڙهڻ جو شوق سندس روحاني و صحبتي استاد شيخ طريقت مفتي سائين علي بخش قاسمي رح ڏياريو سندن جي حڪم تي درس نظامي سائين جن وٽ مدرسي ۾ پڙهڻ شروع ڪيائون ۔ 


درس نظامي ۾ سندن محنت : 
پاڻ درس نظامي صرف رسمي طور نه پڙهيا بلڪه ڪمال محنت سان اسباق کي قلمي انداز ۾ لکيو ۔ تقريبن هر ڪتاب جا  تفصيلي نوٽس ٺاهيا ۔ درس جي هر ڪتاب  جو ترجمو مع حاشيه تيار ڪيا۔ ڪاش ڪو مرد ان پاسي توجه ڏئي ۽ انجي لکيل ڪتابن کي ضروري ترتيب ڏئي ڇپرائي ته سنڌي زبان ۾ تمام وڏو علمي ذخيرو تيار ٿي ويندو غيرن جي شروح ۽ ترجمن کان جان ڇٽي پئي۔ 


محنت و خلوص ۽ دعائن جي ڪري پاڻ زبردست عالم دين بڻيا 


راقم الحروف (مختار احمد قاسمي دادو ) جو ساڻس علمي ڪچهريون رهيون ۔ جڏهن اسان مدرسي (دارالعلوم انوارالاسلام قاسميه دادو ) ۾ مختلف علوم و فنون جا مختصر دوره رکيا ته فقير حاجي خان زرداري رح به حاضر ٿيو ۔ مان انهنن علمن ۾ سندس شناسائي ۽ قابليت ڏسي مزيد دوره ڪرڻ کان منع ڪئي ۔ پاڻ باقائده تدريس نه ڏنائون ۽ نه وري باقائده فتاواي نويسي ڪيائون ۔ تنهن هوندي به سندس مطالعو ۽ مسئلن جي تحقيق جاري رکي ۔ سڄي زندگي (تقريبن 50 سال) مسجد شريف جي امامت ۽ ٻارن کي في سبيل الله دين جي بنيادي تعليم ڏنائون ۔ 


قرآن حفظ ڪرڻ : 
پاڻ درس نظامي سان گڏ پنهنجي شوق تي قرآن شريف مڪمل ياد ڪيائون ۔ سندن درس نظامي جي تڪميل ۽ حفظ جي مڪمل ٿيڻ جي دستار اسلام جي عظيم و شان مرڪز دربار عاليه حضرت مشوري تي سن 1989 ۾ تاج العارفين ، فقيه عصر ، قيوم زمان سائين بادشاه ڪريم مشوري شريف وارا سائين قدس سره الاقدس جي موجودگي (پاڻ ويل چيئر واري رنگ ۾ هيا )  ۾ قبلا صاحبزاده اڪبر سائين ، غوث زمان مرشد ڪريم سائين ميان سائين بادشاه ۽ سائين صاحبزاده اصغر ، غوث زمان مرشد ڪريم سخي سائين بادشاه ۽ سندن ڪامل استاد شيخ طريقت علامه مفتي علي بخش قاسمي رح جي هٿان ٿي ۔ 


صحبت جو اثر: 


طريقت ۾ سالڪ کي ڪمال تائين پهچائڻ لا پنهنجي شيخ (مرشد) جي صحبت هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن جي ذريعي سالڪ جي دل ۾ پنهجي شيخ (مرشد) جي محبت جو جذبو پنهنجي عروج تي پهچي ٿو جٿان هو پنهنجي وجود جي نفي ڪري فنايت جي سمنڊ ۾ غوطه زن ٿي ڪري منزل مقصود (بقا/ حيات ڪلي) جي طرف روانو ٿئي ٿو / تائين پهچي وڃي ٿو ، جهڙي طرح شيخ طريقت سائين مفتي علي بخش قاسمي پهنجي بياض قاسمي (قلمي )  ۾ لکن ٿا ته " جيڪڏهن (ڪنهن ماڻهو ) جي نصيب ۾ ولايت لکيل آهي ته ان (ماڻهو) جي مستقبل سنوارڻ وارا ڪيترائي مور (مرد حق) پيدا ٿي پوندا " 
فقير حاجي خان زرداري جي خوشقسمتي هئي جو کين مالڪن ڪريمن سائين بادشاه مشوري شريف واري سهڻي سائين جي پياري ظاهري و باطني شاگرد شيخ طريقت ، مفتي علي بخش قاسمي رح جي صحبت و محبت نصيب ٿي ۔ 
پاڻ سلسلا عاليه قادريه جا اذڪر و اذڪار ڪرڻ جو طريقو پنهنجي استاد وٽان سکيا ۔ سائين مفتي علي بخش قاسمي رح وٽ اڪثر ارباب طريقت خاص ڪري جماعت قاسميه پري پري کان مالڪن ڪريمن جي صحبت لا دادو ايندي هئي ، هي علم و عرفان جون مجلسون روزانه قائم هونديون جهڙي طرح جگ مشهور ڪتاب ' قاسم الحقائق ' (صفحه 564 ) ۾ مولانا فيض الله مهر پنجاب واري لکيو آهي ته "
(شيخ طريقت مفتي علي بخش قاسمي رح کے پاس) ارباب طریقت اکثر بعد نماز عشاء اکٹھے ہوتے فضل سے عرفان بند جاتی , اذکار و اشغال میں سوز و گداز سے کیف و سرور حاصل ہوتا اس محفل میں شہر کے پروفیسرز , ڈاکٹرز علماء اشرافيه شرکت کرتے بعض اوقات اس مجلس میں سحر ہو جاتی . نماز تہجد پڑھنے والے حضرات حضرات کی قیام وسجود میں  میں اہو بکا وہ گریا سے ہچکیاں بند جاتی . رفتگانے اسلاف صالحین کی یاد تازہ ہو جاتی اور دل کو ناقابل بیان فرحت و تقویت حاصل ہوتی تھی . اسی درد نہا اور اہ سحر گاہی کی طرف میں فقیر مولف صادق آباد پنجاب سے درگاہ عالیہ مشوری شریف جاتا پھر یہی طلب و تڑپ مولانا (سائين مفتي علي بخش قاسمي رح  ) صاحب کی صحبت میں (دادو) لے جاتی"


طريقت ۾ قدم :
فقير حاجي خان زرداري رح کي اهي صحبتون ۽ محبتون ڏسي ڪري طريقت ۾ قدم رکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۔ سندن استاد کين بهرپور تيار ڪيو ۽ کين مالڪن ڪريمن جي حضور ۾ پهچايو ۔ مالڪن ڪريمن سندس محبت و خلوص کي ڏسي ذڪر پاڪ ۾ وڌايو ۽ کين حڪم فرمايوه ته پنهنجي استاد سان روحاني صحبت جاري رکو ۔ فقير حاجي خان زرداري رح جا سلسلا عاليه قادريه جا اڃان ذڪر مس پورا ٿيا ته مالڪ ڪريم ظاهري جنت ڏي اسري ويا۔ بعد ۾ رهيل فڪر مالڪن ڪريمن جي خواب ۾ حڪم تحت حضرت قبلا سائين ، غوث زمان ميان سائين بادشاه قدس سره الاقدس  وٽ طئي ڪيائون ۔ آخري اڻوهيون مراقبه کين سائين قرب ڌڻي بادشاه طئي ڪرايو ۔ حضرت قبلا سائين مرشد ڪريم سائين منير احمد سائين ۽ حضرت قبلا مرشد ڪريم سائين مسڪين سائين بادشاه کين تلقين و ارشاد (سلسلي هلائڻ ) جي اجازت ڏني ۔ پاڻ تصور شيخ ۾ ايتري محنت ڪيائون جو سندن ظاهري صورت مان اسان جي هادي رهبر شيخ ، مرشد مربي جو عڪس نظر ايندو هيو ۔ ان صورت پاڪ جي مهرباني جي ڪري ٻئي صاحبزاده مرشد ڪريم سائين مسڪين سائين ۽ سائين مرشد ڪريم سائين قرب ڌڻي بادشاه فقير حاجي خان رح جو تمام گهڻو خيال رکندا هيا ۔ 


نوٽ : فقير حاجي خان زرداري رح جي طريقت طئي ڪرڻ جو طريقو (شيخ طريقت سائين علي بخش قاسمي رح )  پنهنجي استاد وارو آهي۔ پاڻ سڄي طريقت پنهنجي استاد وٽان لکيائون 


اخلاق ۽ آداب : 
فقير حاجي خان زرداري رح با اخلاق ۽ با ڪردار سهڻن خصلتن جا مالڪ هيا۔ سڀ جا همدر ۽ خير خواه هئا ۔ پنهجن پراون جا دعاگو هئا ۔ مستجاب الدعوات هئا يعني سندس دعا ۾ وڏو اثر هو ۔ سڄي طريقت پاڪ برزبان ياد هين ۔ پاڻ مهمان نواز ، خدمت خلق ۽ ايثار جو جذبو رکندڙ هيا ۔ 


وصال :
فقير حاجي خان زرداري رح ڪجه سال پهريان مالڪن ڪريمن جي حضور ۾ وڃي پهتو ۔ سندس جنازه نماز ريلوي گرائونڊ ۾ مرشد ڪريم سائين مسڪين سائين بادشاه پڙهائي ۔ سندس آخري آرام گاه دادو شهر جي مشهور قبرستان لال هندي ۾ آهي ۔ 


خدا رحمت کند این عاشقان طینت را 

سندس پونئير سائين بادشاه ڪريم مشوري شريف واري سهڻي سائين قدس سره الاقدس جي غلامي پاڪ ۾ آهن ، شل الله پاڪ سندس پونئيرن ۾ ڪو حاجي خان فقير جهڙو مرد حق پيدا فرمائي ۔ آمين 

تو جنين جي تاتِ تن پڻ آھي تُنھنجي
فاذڪُرُونِي اَذڪُرُڪُم ايءُ پروڙج بات
ھَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ پُڇڻ پَرِ پرين جي

:حوالا
1) قاسم الحقائق از فقير مولوي فيض الله مهر پنجاب
2) بياض قاسمي (قلمي)

از قلم : فقير مختار احمد قاسمي مهتمم دار العلوم انوار الاسلام قاسميه دادو


Post a Comment

Previous Post Next Post